پير شاهه صفي الله عاشق

پير شاهه صفي الله ’عاشق ‘:هيءُ درويش، شاهه نصير نوشهري فيروز واري جو پٽ هو، جيڪو پنهنجي وقت جو صاحب ڪرامت ۽ صوفي متي وارو بزرگ ٿي گذريو آهي. سندس جنم 1863ع ۾ ٿيو. روحانيت ۽ وحدانيت جو وڏو مبلغ هو. علم طب ۾ به وڏي مهارت هئس. سندس مريدن ۽ معتقدن جو هڪ وڏو سلسلو آهي. فقير هدايت علي نجفي ۽ شام جئسنگهاڻي به سنـدس مريد ۽ طالب هئا. فارسي ۽ سنڌيءَ ۾ شاعري ڪندو هو. تخـلص ’عاشق‘ استعمال ڪندو هو. سندس شاعريءَ ۾ مجازي محبت ۽ عشق حقيقي جو عنصر سمايل آهي.
پير صفي الله 1928ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1863.00.00  عيسوي

پير شاهه صفي الله جو جنم 1863ع ۾ ٿيو


1928.00.00  عيسوي

پير صفي الله 1928ع ۾ وفات ڪئي



شخصيت - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اڪبر جسڪاڻي
ايلڊرڊ پاٽينجر
ٽريور
ٻڍو فقير وگهامل
پير زين العابدين شاهه زينل
ڀڳت روپچند
جڳو
پير شاهه صفي الله عاشق
اڪبر نظير نمائي
پير سرهندي
شخصيت ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون